ڌڻي بخش مهر مولانا

ڌڻي بخش مهر، مولانا: مولانا ڌڻي بخش ولد محمد تڳيل مهر 1930ع ڌاري سومراڻي شريف ۾ ڄائو، جتان بعد ۾ لڏي اچي رستم شهر ضلعي شڪارپور ۾ ويٺو. هن ناظره قرآن مجيد جي تعليم ملا رسول بخش وٽ ۽ حفظ القرآن جي سکيا حافظ وليداد ڀُٽي وٽ ’مدرسه ڪنزالعلوم سومراڻي شريف‘ ۾ حاصل ڪئي ۽ ساڳئي مدرسي ۾ مختلف استادن کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ بعد آخري ڪتاب ’جامعه هاشميه نور محمد شجراع‘ ۾ علامه عبدالحڪيم سومري وٽ پڙهي، 1960ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. هن ’دوره حديث‘ ٻه دفعا مولانا عبدالله درخواستي (خانپور ڪٽوري) واري وٽ، پنج دفعا مولانا غلام الله خان راولپنڊيءَ واري ۽ مولانا عبدالغني جاجرويءَ وٽ پڙهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مولانا ڌڻي بخش ’جامعه هاشميه نورمحمد شجراع‘ ۾ مسلسل ڇهه سال درس ڏنو ۽ پوءِ 1383هه ۾ ’مدرسه دارالعلوم رستم‘ نالي هڪ ديني درسگاهه قائم ڪري، اتي درس ۽ تدريس جو ڪم ڪرڻ لڳو. مولانا کي دُوره تفسير جي علم ۾ خاص مهارت حاصل هئي ۽ هر سال سون جي تعداد ۾ عالم ۽ طالب دُوره تفسير ٻڌڻ لاءِ وٽس گڏ ٿيندا هئا. مولانا جي روحاني بيعت حضرت حماد الله هاليجويءَ سان هئي. سندس شاگردن جو حلقو نهايت وسيع آهي، جن ۾: مولانا الله بخش سومرو، مولانا رحيم بخش سومرو، مولانا حضور الدين ڪلات ۽ مولانا دين محمد قريشي وغيره قابل ذڪر آهن. مولانا ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس ٻن فرزندن ۽ چئن نياڻين جو اولاد ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو